سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT): سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن، صحت جو فلاحي ادارو آهي، جنهن ۾ جيري، بڪين/ گڙدن جي بيمارين جو علاج ۽ انهن جي پيوندڪاري ڪئي وڃي ٿي. هي ادارو، مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن ڊاڪٽر اديب رضويءَ جو قائم ڪيل آهي، جيڪو پهرين سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ خودڪار نموني علاج ميسر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. شروع ۾ هتي سرنديءَ وارن جي معاونت سان عام ماڻهن جي ننڍي پئماني تي بيمارين جي چڪاس ڪئي ويندي هئي. مسلسل ڪوششن ۽ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اورچائيءَ سان هن اداري ترقي ڪئي ۽ آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ٿيو. اداري ۾ هن وقت وڏي پئماني تي سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بيمارين جي مفت چڪاس، علاج، گڙدن جي نئين سر پيوندڪاريءَ جا آپريشن ڪرڻ جهڙيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ٿيون.
ايس. آءِ. يو. ٽيءَ ۾ بڪين/ گُڙدن جي ٻين بيمارين سميت ڪينسر جو پڻ علاج ڪيو وڃي ٿو. اداري جي بنيادي مقصدن ۾ آهي ته ماڻهو وقت کان اڳي فقط ان ڪري ٿو موت جو کاڄ بڻجي، جڏهن هو زندگيءَ لاءِ بنيادي ضرورتون حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي. هتي مريضن جو علاج صحت جي عالمي اصولن موجب ۽ شفاف ماحول ۾ ڪيو وڃي ٿو. ملڪ ۾ گڙدن ۽ بڪيءَ جي بيمارين لاءِ مفت علاج مهيا ڪندڙ ۽ معياري سنڀال لهڻ جي نسبت هيءُ واحد ادارو آهي، جيڪو وڏي پئماني تي پنهنجون خدمتون احسن طريقي سان عام ماڻهن کي فراهم ڪري رهيو آهي. اداري ۾ بي پهچ ۽ علاج تائين رسائي نه ڪري سگهندڙ مفلس ماڻهن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن به رنگ، نسل، ذات پات توڙي قوميت جي فرق کانسواءِ سڌريل دنيا جي ماڻهن واري ساڳي طرز تي مريض جو علاج ۽ سنڀال ڪئي وڃي ٿي.
ساڳئي وقت ايس. آءِ. يو. ٽي ۾ 250 ڊاڪٽر ۽ نرسون تربيت پڻ وٺن ٿا. 2009ع ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هن اداري کي خودمختيار اداري جي حيثيت ۾ ڊگريون پڙهائڻ جو پڻ الحاق ڏنو. اداري پاران فيلوشپ ۽ ميمبرشپ تحت ڊاڪٽر تربيت وٺن ٿا، ان سميت مختلف ڪاليجن ۽ صحت جي ادارن مان پڻ هتي ڪيترائي ڊاڪٽر يورولاجي، نيفرولاجي ۽ بايولاجيڪل سائنس جي ڪورسن جي تربيت وٺڻ اچن ٿا، جيڪي بعد ۾ سنڌ، پاڪستان سميت افغانستان توڙي سارڪ (SAARC) ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ٿا. هتي شاگردن کي ريسرچ جا موقعا پڻ ميسر آهن. اداري جي بنيادي مقصدن ۾ هيٺيون ڳالهيون طئي شده آهن:
(1) ڪنهن به قسم جي فرق کانسواءِ هر ماڻهوءَ کي مفت چيڪ اپ ۽ علاج ميسر ڪري ڏيڻ.
(2) سڀني مريضن کي خلوص ۽ عزت سان علاج ميسر ڪرڻ
(3) علاج لاءِ آيل هر مريض کي مفت علاج جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ، پئسن جي کوٽ يا بيواهه هجڻ جي صورت ۾ به کيس هر طرح ادارو مڪمل علاج مهيا ڪري ڏيندو.
(4) علاج کي ڌنڌو بنائڻ جي مخالفت ڪرڻ.
(5) سماج ۾ بيمارين کان بچڻ بابت سڌ ڏيڻ، عام معلومات پکيڙڻ.
(6) صحت جي سڌاري لاءِ هر نئين تحقيق ۽ ٽيڪنالوجيءَ کي ٻين ادارن ڏانهن به منتقل ڪرڻ.
(7) صحت جي شعبي سان لاڳاپيل عملي جي هر طرح سان تربيت ڪرڻ ته جيئن انهن جون صلاحيتون اجاڳر ٿين.
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ بيمارين جي چڪاس لاءِ جديد ترين مشينريءَ جي انتظام سميت اعليٰ معيار ۽ بين الاقوامي سطح جي ليبارٽرين جو انتظام ڪيل آهي. اداري ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن، سينٽر فار بايوميڊيڪل اٿڪس اينڊ ڪلچر، سينٽر فار هيومن جينيٽيڪس اينڊ ماليڪيولر ميڊيسن، زيڊ. اي اسڪول، اسڪول آف نرسنگ جهڙا تعليمي شعبا پڻ قائم آهن. هيءُ ادارو سول اسپتال ڪراچيءَ سان لاڳاپيل آهي، باقي انتظامي توڙي علاج جون سڀ سهولتون خودڪار نموني فراهم ڪري ٿو.
ادارو فلاحي طور سيڪشن نمبر (3) 501(C) تحت اسٽيٽ آف ٽئڪساس، آمريڪا ۾ رجسٽرڊ آهي. هن جون شاخون لاس اينجلس، شڪاگو ۽ اوهيو، جپان ۾ آهن. اداري جي گورننگ باڊي آهي، محدود مدي کانپوءِ اداري جو نئون صدر منتخب ٿئي ٿو. هن وقت ايس. آءِ. يو. ٽي جي صدر ڊاڪٽر فاطمه سيد آهي.


لفظ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو